95

بخشاپور ويجھو گهرو اڻبڻت تان مڙس ھٿان ناري مبينا طور قتل

بخشاپور (رپورٽر) بخشاپور ويجھو مڙس ھٿان ناري مبينا طور قتل ٿي وئي، بخشاپور ويجهو ڳوٺ گل محمد  گولو  ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس  هٿان ناري مبينا طور قتل ٿي وئي آھي.ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي تھ راشد گولو پنهنجي گهرواري 20ورهين  جي جيوان خاتون کي گهٽا ڏئي قتل  ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي  ناري جو لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيو،  ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں