58

عمران خان کي بي اعتمادي بابت 4 مهينا اڳ خبر هئي، شيخ رشيد اعتراف ڪري ورتو: شيري رحمان

لاهور (م ڊ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي نائب صدر ۽ وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اڳوڻو گهرو وزير شيخ رشيد اعتراف ڪري رهيو آهي ته حڪومت ۽ عمران خان ۾ عدم اعتماد جو علم 4 مهينا اڳ هو، شيري رحمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪهڙي عالمي سازش هئي جنهن جو عمران خان ۽ حڪومت کي 4 مهينا پهريان ئي علم هو، جيڪڏهن هي عالمي سازش هئي ته عمران خان ۽ ان کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ عالمي سازش هئي ته پارليامينٽ جي نيشنل سڪيورٽي ڪميٽي کي ڇو آگاهه نه ڪيو ويو؟ شيري رحمان چيو ته عمران خان بي اعتمادي جي آئيني معاملي کي سازش بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، حڪومت مان نڪرڻ بعد عمران خان ملڪ کي انتشار ۽ ورهائڻ واري ساسيت ڪري رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں