64

پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر، شفقت محمود، ڊاڪٽر ياسمين ۽ ٻين جا گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور (م ڊ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن شفقت محمود، حماد اظهر ۽ ڊاڪٽر ياسمين راشد جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.نديم بارا، ميان محمود الرشيد ۽ اعجاز چوڌري سميت پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن جا به ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. عدالت شاهدره پوليس جي درخواست تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں