65

وفاقي بجيٽ: سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جا امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مالي سال 23-2022 جي وفاقي بجيٽ اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جا امڪان، بجيٽ جو ڪُل ڪاٿو 9 هزار 541 ارب رُپيا هوندو،  4 هزار 282 رُپين جي خساري واري بجيٽ ۾ ايف بي آر جي ٽئڪس اوڳاڙين جو هدف 7 هزار 255 رُپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آھي، صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت 4 هزار 215 ارب ۽ 12 سئو 32 ارب رُپين جون گرانٽس صوبن کي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آھي، دفاعي بجيٽ 1586 ارب، ايندڙ سال قرض ۽ وياج جي ادائگي لاءِ 3523 ارب رُپيا رکڻ جي تجويز، بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ وفاقي ڪابينا طرفان تجويزن جي منظوري ڏني ويندي، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ وفاق ۽ چئني صوبن جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 2 هزار 184 ارب رُپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آھي، ترقياتي بجيٽ ۾ سنڌ لاءِ 355 ارب 38 ڪروڙ ۽ پنجاب صوبي جي ترقياتي بجيٽ 585 ارب رُپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں