62

سياست اسان جي پارٽيءَ جي چوڌاري گهمي رهي آهي: چوڌري پرويز الاهي

لاهور (رپورٽر) مسلم ليگ ق جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته سياست اسان جي پارٽيءَ جي چوڌاري گهمي رهي آهي.پنهنجي بيان ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو ته شهباز شريف جي حڪومت رڳو 2 ووٽن سان ٺهي، طارق بشير چيما ۽ چوڌري سالڪ جا ووٽ آهن.هن چيو ته پي ٽي آءِ سان پراڻو تعلق آهي، شريف خاندان کي 20 سالن کان ڏٺو آهي، سياست اسان جي پارٽيءَ جي چوڌاري گهمي رهي آهي.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو ته مسلم ليگ (ق) سمورن تڪن ۾ ڪم ڪيو، مونس الاهي وٽ وزارت هئي جڏهن ته چوڌري سالڪ جيڪو پهريون ڀيرو سياست ۾ اچي رهيو آهي، ان جي مدد ڪئي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں