69

قوم حڪومت جي تبديلي جي قيمت ادا ڪري رهي آهي: اسد عمر

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته قوم حڪومت جي تبديلي جي قيمت ادا ڪري رهي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا گذريل هفتي خطرناڪ سطح تي اچي ويا هئا.پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ گذريل هفتي 50 ڪروڙ ڊالرن جي گهٽتائي ٿي آهي، پرائيويٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ به 10 ڪروڙ ڊالرن جي گهٽتائي ٿي آهي.اسد عمر وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ 7.5 ارب جي گهٽتائي ٿي آهي، قوم حڪومت جي تبديلي جي قيمت ادا ڪري رهي آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي سبب رپئي جي قيمت تيزي سان گهٽجي رهي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں