79

پوليس پاران عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم تائين جنازي نماز روڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) پوليس قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت حسين جي لاش پوسٽ مارٽم تائين جنازي نماز روڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عامر لياقت جي وصيت موجب رمضان المبارڪ دوران سندس تابوت دفنائڻ جا انتظام ڳجها رکيا پيا وڃن ۽ مذهبي معاملن واري اڳوڻي مملڪتي وزير جو مڙهه مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي.عامر لياقت جو پٽ احمد اڄ پرڏيهه مان ڪراچي پهچندو، اڳوڻي ميمبر قومي اسيمبلي جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ جمعي جي نماز ادا ڪئي وئي، جڏهن ته سندس تدفين به عبدالله شاهه غازي جي مزار جي احاطي ۾ ڪئي ويندي. پوليس جو موقف آهي ته عامر لياقت جي موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ضروري آهي جڏهن ته عامر لياقت جي گهروارن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو آهي. پوليس عامر لياقت جي لاش جي حوالي سان برگيڊ پوليس ٿاڻي ۾ ڊائري داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪولڊ اسٽوريج کي چيو ويو آهي ته عامر لياقت جو لاش برگيڊ پوليس اسٽيشن جي عملي حوالي ڪيو وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته عامر لياقت جو لاش برگيڊ پوليس اسٽيشن جي عملي کانسواءِ ڪنهن جي حوالي نه ڪيو وڃي، جيڪڏهن لاش ڪنهن ٻئي کي ڏنو ويو ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں