68

روس پاڪستان سميت ٻين ملڪن کي سستو تيل فراهم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو: علي زيدي

ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته روس پاڪستان سميت ٻين ملڪن کي سستو تيل فراهم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي لکيو ته روسي قونصل جنرل ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته عمران خان جي روس جي دوري دوران تيل جي واپار تي ڳالهه ٻولهه ٿي، روسي قونصل جنرل چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني حڪومت رابطو ڪري ته اسان سستو تيل فراهم ڪنداسين،پنهنجي ٽوئيٽ ۾ علي حيدر زيدي لکيو ته روس پاڪستان سميت ٻين ملڪن کي سستو تيل فراهم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته ڪرپٽ امپورٽ حڪومت جو هڪ ٻيو ڪوڙ بي نقاب ٿي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں