60

پي ٽي آءِ ميمبر قومي اسيمبلي ۾ واپس نه ويندا: ياسمين راشد

لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ياسمين راشد چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي سمورن ايم اين ايز استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ نه وري اسيمبلي ۾ وينداسين.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ياسمين راشد چيو ته درآمد ٿيل حڪومت چونڊن ۾ ڌانڌلي لاءِ پنهنجا پيروڪار استعمال ڪري رهي آهي.هن چيو ته معلوم ٿيڻ گهرجي ته مقصود چپراسي جي اڪائونٽ ۾ پيل اربين رپيا ڪير ايندا؟ ياسمين راشد چيو ته چونڊن جي اعلان باوجود حڪومت پري پول ريگنگ لاءِ ٽرانسفر پوسٽ ڪري رهي آهي، ان قدم خلاف عدالت ۾ وينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں