60

پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ، رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع،عمران خان ذميوار قرار

اسلام آباد (رپورٽر) پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ بابت ڪيس ۾ آءِ جي اسلام آباد پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.اسلام آباد پوليس جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ چيئرمين احتجاج ڪندڙن کي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي هدايت ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود مظاهرين ريڊ زون ۾ داخل ٿي ويا، جنهن دوران 700 کان 800 مظاهرين ريڊ زون ۾ داخل ٿي ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ريڊ زون ۾ مظاهرين جي داخل ٿيڻ دوران 21 شهري زخمي ٿي پيا، پوليس مظاهرين کي روڪڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن هٿيارن سان ليس هئا،رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڊيو پيغام ۾ ڪارڪنن کي ڊي چوڪ پهچڻ جو چيو ويو، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مظاهرين کي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر مظاهرين ڪنٽينر ۽ ٻيون رڪاوٽون هٽائي ڇڏيون.رپورٽ ۾ چيو ويو ته عدالت رڪاوٽون هٽائڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن مظاهرين ايڇ 9 گرائونڊ تائين پهچي سگهن، مظاهرين 25 ۽ 26 مئي جي وچ واري رات سمورا رڪاوٽون ٽوڙي ريڊ زون ۾ داخل ٿيا جڏهن ته پي ٽي آءِ تي طاقت جو استعمال نه ڪيو ويو. مظاهرين ريڊ زون ۾ داخل ٿي ويا، فيض آباد نمبر 26 چوڪي ۽ زيرو پوائنٽ وٽان فوج ۽ رڪاوٽون هٽايون ويون. رپورٽ موجب فواد چوڌري، زرتاج گل، سيف الله نيازي ۽ عمران اسماعيل سميت ٻيا اڳواڻ ڪارڪنن کي ڀڙڪائيندا رهيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جو ڪو به ڪارڪن ايڇ نائن گرائونڊ نه پهتو ۽ چيئرمين پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود ايڇ نائن گرائونڊ نه پهتو.پوليس رپورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي ڪولانگ مارچ دوران ڊي چوڪ تي بدانتظامي جو الزام لڳايو ويو آهي. آءِ جي اسلام آباد رپورٽ سان گڏ پي ٽي آءِ اڳواڻن جا وڊيو ڪلپس ۽ ٽوئيٽر پيغام پڻ فراهم ڪيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں