69

رحيم يار خان ۾ باغ مالڪ تشدد ڪري 12 سالن جي نينگر کي ماري ڇڏيو

لياقت پور (م ڊ) رحيم يار خان ۾ باغ مالڪ جي مبينا تشدد سبب 12 ورهين جو ٻارڙو مارجي ويو. ريسڪيو ذريعن موجب حادثو رحيم يار خان جي علائقي لياقت پور ۾ پيش آيو. واقعي کانپوءِ پوليس باغ مالڪ سميت 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو پر جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا. مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں