68

پنجاب جي بجيٽ ڪير پيش ڪندو؟ ن ليگ ۽ پ پ ۾ جهيڙو

لاهور (م ڊ) اتحادي حڪومت اڃا تائين اهو فيصلو نه ڪيو آهي ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي جو ناڻي وارو وزير ڪير هوندو. ذريعن موجب پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ٻنهي کي ناڻي واري وزارت گهرجي، ن ليگ مجتبيٰ شجاع الرحمان کي ناڻي وارو وزير آڻڻ چاهي ٿي، جڏهن ته پيپلز پارٽي پنهنجو ناڻي وارو وزير آڻڻ چاهي ٿي. صوبائي وزير عطاءُ الله تارڙ جو چوڻ آهي ته پنجاب جي بجيٽ ناڻي وارو وزير پيش ڪندو، جيڪو به ناڻي وارو وزير هوندو سو جلد حلف کڻندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں