59

جيڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام نه مليو ته ڊفالٽ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام نه مليو ته ڊفالٽ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي مفتاح اسماعيل چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي هاڻي ڪا به سبسڊي نه ڏني ويندي، مقامي قيمتون عالمي قيمتن جي مطابق رکيون وينديون. ناڻي واري وزير چيو ته پيٽروليم شين تي ليوي ۽ سيلز ٽيڪس ٻنهي جو آپشن موجود آهي، ڏسنداسين ته ليوي لاڳو ڪجي يا سيلز ٽيڪس. عالمي منڊي ۾ تيل جا اگهه گهٽجي ته آسان ٿي ويندو هن چيو ته کيس اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر مرتضيٰ سيد تي اعتماد آهي، مانيٽري پاليسي تي صلاح نه ڏيندس پر مانيٽري پاليسي بهتر ٿي رهي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں