68

وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

لاهور (رپورٽر) لاهور جي خاص عدالت سينٽرل وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس پٽ پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز جي سمورن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. ان کان اڳ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ لاءِ لاهور جي اسپيشل ڪورٽ سينٽرل ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي 3 مفرور جوابدارن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. ايف آءِ اي جي وڪيل فاروق باجوا عدالت کي ٻڌايو ته ٽنهي جوابدارن ڏنل ايڊريس تي موجود نه هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں