65

گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جون سمون بند، بجلي ۽ گيس ڪنيڪشن ڪاٽڻ جو فيصلو

لاهور (م ڊ) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ايف بي آر کي انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائڻ وارن جا بجلي ۽ گئس ڪنيڪشن ختم ڪرڻ ۽ موبائل فون سمز بند ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.وفاقي حڪومت جي انڪم ٽيڪس ايڪٽ جي سيڪشن 114 بي موجب ايف بي آر ان فعال ٽيڪس ادا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿو جيڪي پنهنجا گوشوارا جمع نه ڪرائي رهيا آهن. اهڙن ماڻهن جا موبائل فون يا موبائل فون سم بند ڪيا ويندا ۽ انهن جا بجلي يا گيس ڪنيڪشن ڪٽيا ويندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں