54

شوڪت ترين 20 هزار ارب رپيا قرض وٺڻ جو اعتراف ڪري ورتو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته شوڪت ترين آخرڪار اعتراف ڪري ورتو آهي ته عمران خان چئن سالن جي حڪومت ۾ 20 هزار ارب رپيا قرض ورتو.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته جيڪو قرض پاڪستان جي تاريخ ۾ ورتو ويو، ان مجموعي قرض مجموعي قرضن جو 76 سيڪڙو آهي.هن چيو ته اڃا اهڙا ڪيترائي اعتراف عمران خان صاحب کي ڪرڻا آهن، عمران جي آءِ ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدا ۽ ڊالر 115 مان 180 تي پهچائڻ جو اعتراف به اڃا باقي آهي، وفاقي وزير چيو ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي جي ڪيل ظلم کانسواءِ خيرات ۽ ڪرپشن جو به اعتراف جلد ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں