81

اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب پاڪ فوج جو جوان شهيد

پشاور (م ڊ) اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ دهشتگردن ۽ سڪيورٽي فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ سپاهي شاهزيب شهيد ٿي ويو.آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ دهشتگردن ۽ سڪيورٽي فورسز ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو جوان شاهزيب امتياز شهيد ٿي ويو.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڪيورٽي فورسز بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي موثر انداز ۾ نشانو بڻايو، علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس ڪئي پئي وڃي.شهيد سپاهي شاهزيب جي عمر 25 سال هئي ۽ هو ڪوٽلي ستيان جو رهواسي هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں