58

ڀارت والاريل ڪشمير جي ڊيموگرافي تبديل ڪري رهيو آهي: قمر زمان ڪائره

اسلام آباد (م ڊ) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪري رهيو آهي.والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪندي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته ڀارت نام نهاد سرچ آپريشنز ۽ جعلي مقابلن جي آڙ ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي.قمر زمان ڪائره چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي ڊيمو گرافي کي تبديل ڪري رهيو آهي، ڀارت هندو انتهاپسندي جي خطرناڪ راهه تي هلي رهيو آهي، ڀارت هندوتوا جي نظريي تي عمل ڪري رهيو آهي.هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص ڪري مسلمانن لاءِ زندگي جو امڪان گهٽجي ويو آهي، عالمي برادري کي ڀارت ۾ وڌندڙ هندو انتهاپسندي کي روڪڻ لاءِ فوري ۽ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن.هن وڌيڪ چيو ته موديءَ جون هندو انتها پسند پاليسيون خطي ۾ امن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿينديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں