68

خانپور لڳ زمين جي مالڪيءَ تان سئوٽن ۾ جهيڙو، عورت مارجي وئي

خانپور (رپورٽر) خانپور ويجهو زمين جي مالڪيءَ تان سئوٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ عورت مارجي وئي هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، مرزا واهه واري علائقي ۾ گولي لڳڻ سبب عورت ارشاد زال گل محمد جتوئي  موقعي تي ئي دم ڏنو ، الهه رکيو جتوئي زخمي ٿي پيو آھي،قتل ٿيل عورت جو مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اربيلو جتوئي الزام هنيو آهي ته سئوٽن گوليون هڻي ناحق عورت کي قتل ۽ هڪ همراهه کي زخمي ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں