67

ڊاڪٽر سعيد اختر “پي ڪي ايل آءِ” جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين مقرر

لاهور (م ڊ) ڊاڪٽر سعيد اختر کي پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آءِ) جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.پنجاب حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پنجاب جو وڏو وزير پي ڪي ايل آءِ جي بورڊ آف گورنرز جو سرپرست اعليٰ هوندو جڏهن ته ڊاڪٽر سعيد اختر کي پي ڪي ايل آءِ جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب ڊاڪٽر امجد ثاقب، مصطفيٰ رمدي ۽ معصومه سعيد بورڊ آف گورنرز جا ميمبر هوندا. ان کان علاوه عارف سعيد، مجيب الرحمان شامي ۽ بيگم ياور علي به بورڊ آف گورنرز جا ميمبر هوندا. پڌرائي موجب سيڪريٽري صحت پنجاب، سيڪريٽري فنانس پنجاب ۽ سيڪريٽري پي اينڊ ڊي به پي ڪي ايل آءِ جي بورڊ آف گورنرز جا ميمبر هوندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں