52

صدر عارف علوي پاران ڀارت ۾ مسلمان مظاهرين مٿان وحشياڻي تشدد جي مذمت

اسلام آباد (رپورٽر) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارت ۾ پرامن مسلمان مظاهرين تي وحشياڻي تشدد جي سخت مذمت ڪئي آهي.صدر عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي بگڙيل صورتحال جو فوري نوٽيس وٺي.صدر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت کي اقليتن کي نشانو بڻائڻ ۽ سندن مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ جون هندوتوا پاليسيون بند ڪرڻ گهرجن.هن وڌيڪ چيو ته ڀارت حضور صه جي شان ۾ گستاخي ڪندڙن خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں