64

هفتيوار مهانگائي ٽن سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي، عوام جا هوش خطا

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان جي شماريات بيورو (پي بي ايس) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل هفتي جي مقابلي ۾ حساس قيمتن واري انڊيڪس (ايس پي آءِ) جي ماپ مطابق مهانگائي جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سبب توانائي ۽ کاڌي پيتي جي قيمتن ۾ اضافو 2.67 سيڪڙو آهي.مهانگائي ۾ هفتيوار اضافو 144 هفتن يا 3 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي آءِ ايم ايف جي توسيع ٿيل فنڊ سهولت پروگرام جي بحاليءَ لاءِ هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ هفتي واڌ 23.98 سيڪڙو رهي پيٽرول ۽ ٻين پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 30 رپيا في ليٽر واڌ جو اثر ايندڙ هفتي ايس پي آءِ جي ماپ ۾ وڌيڪ اضافي سان ڏسڻ ۾ ايندو، حڪومت طرفان ايندڙ هفتي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.حڪومت بجيٽ ۾ پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس بحال ڪرڻ سان گڏ پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي مرحليوار لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں