51

چين کان امداد پاڪ فوج جي ڪري ملي: شيخ رشيد

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت چين کان امداد وٺڻ لاءِ شور مچائي رهي آهي پر چين کان امداد پاڪ فوج جي ڪري ملي، نه ته ڪو به حڪومت کي هڪ ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ن ش جون حالتون جلد سامهون اچي ويندي.اڳوڻي گهرو وزير چيو ته موجوده حڪومت ڊهي پوندي ڇو ته اڪثريت حڪومت مان ڇوٽڪارو چاهي ٿي، حڪومت کي بيساکين جو سهارو آهي جيڪو جلد ڪرڻ وارو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں