62

امپورٽڊ حڪومت جي هوندي پيٽرول 275 رپيا ٿي ويندو: فرخ حبيب

اسلام آباد (رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت اچڻ کانپوءِ ايڪسپورٽ 10 سيڪڙو ۽ مٽا سٽا جا ذخيرا 25 سيڪڙو گهٽجي ويا آهن.پريس ڪانفرنس ڪندي فرخ حبيب چيو ته حڪومت کي گهرجي ته بجيٽ کان اڳ پيٽرول ۽ بجلي جا اگهه وڌائي، آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ مني بجيٽ پيش ڪئي وئي، جنهن مان حڪومت جي نااهلي واضح ٿي وئي، 60 رپيا ليوي لڳائڻ بعد پيٽرول جي قيمت 275 رپيا في ليٽر ٿي ويندي، مهانگائي جي طوفان ۾ قوم سندن خلاف بيهي رهندي.هن چيو ته شهباز شريف جي 14 ملازمن جي ذاتي اڪائونٽن ۾ 16 ارب رپيا آيا ۽ پوءِ اهي پئسا شهباز شريف، سلمان ۽ ٻين جي اڪائونٽس ۾ ويا، گلزار ملازم هو، هو به مري ويو. نيب کي بنا ڏندن وارو بڻايو ويو آهي، نئين ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں