50

ايف بي آر ۽ نادرا شهرين جي آمدني ۽ ٽيڪس معلومات شيئر ڪندا

لاهور (م ڊ) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال کان شهرين جي آمدني ۽ ٽيڪس جي ڄاڻ ايف بي آر ۽ نادرا وچ ۾ شيئر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي جنهن جي باضابطه منظوري ايندڙ فنانس بل ۾ ڏني ويندي.فنانس بل جي منظوري کانپوءِ ايف بي آر ڪنهن به ٽيڪس ڏيندڙ يا کاتي بابت نادرا کان معلومات حاصل ڪري سگهندو ۽ نادرا به معلومات فراهم ڪرڻ جو پابند هوندو. اها معلومات ايف بي آر طرفان ٽيڪس بيس کي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي، جيڪا ايندڙ مالي سال جي پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نادرا ۽ ايف بي آر اڳ ۾ ئي مختلف سرڪاري کاتن، مالياتي ادارن ۽ يوٽيلٽي بلن جي ڄاڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن. ٽيڪس بيس کي وڌائڻ جي مقصد لاءِ نادرا پاران بورڊ کي تجويزون ۽ معلومات جمع ڪرائي سگهجي ٿي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں