59

ڪوڙا ڪيس امپورٽڊ حڪمرانن جي بوکلاهٽ جو ثبوت آهن: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پرامن احتجاج تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ امپورٽڊ حڪمرانن جي بوکلاهٽ جو چٽو ثبوت آهن، عدالت ۾ پيشيءَ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پر امن مظاهرين کي جبر ۽ تشدد جو نشانو بڻائيندڙ احتساب کان بچي نه سگهندا، هن چيو ته اسان کي عدالتن سميت پنهنجي ادارن تي مڪمل اعتماد آهي ته اهي اسان کي انصاف فراهم ڪندا، هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت ڪوڙي ڪيس ۾ پيش ٿي آهي، جنهن تي اسان جي وڪيلن درخواست ڪئي ۽ ضمنات منظور ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں