71

ايئر لائنز جي ملڪي ۽ پرڏيهي ڀاڙن ۾رڪارڊ اضافو

اسلام آباد (رپورٽر) پيٽرول ۽ ڊالر جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ سبب ملڪي توڙي پرڏيهي ڀاڙن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي.ايئر لائن ذريعن موجب ملڪي ۽ غير ملڪي ايئر لائنز ملڪي ۽ بين الاقوامي اڏامن جي ڀاڙن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. لاهور کان دبئي، شارجه، ڪراچي، ٽورنٽو، دمام ۽ سعودي عرب ويندڙ اڏامن جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.لاهور کان ڪراچي تائين پي آءِ اي جو ٻه طرفو ڀاڙو 64 هزار 150 رپيا، جڏهن ته ايگزيڪيوٽو اڪانومي ڪلاس جو ٻه طرفو ڀاڙو 85 هزار 930 رپيا ٿي ويو آهي، ڪراچي کان اسلام آباد لاءِ پي آءِ اي جي اڪانومي ڪلاس جو ٻه طرفو ڀاڙو 46 هزار 600 رپين کان وڌي ويو، جڏهن ته ايگزيڪيوٽو اڪانومي ڪلاس جو ٻه طرفو ڀاڙو 76 هزار رپين کان به وڌي ويو.اهڙي طرح پي آءِ اي جو لاهور کان ٽورنٽو تائين ٻن طرفن جو ڀاڙو 4 لک 58 هزار 716 رپيا جڏهن ته ايگزيڪيوٽو اڪانومي ڪلاس جو ٻه طرفو ڀاڙو 6 لک 67 هزار مان وڌائي 6 لک 67 هزار رپيا ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں