62

پنجاب ڪابينا ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور (رپورٽر) پنجاب ڪابينا ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز جي صدارت هيٺ پنجاب ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سالياني بجيٽ جي منظوري ڏني وئي.پنجاب جي 3226 ارب رپين جي سالياني بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ (ق) بجيٽ اجلاس دوران احتجاج جو منصوبو جوڙيو آهي.ذريعن موجب پنجاب ڪابينا جي بجيٽ صوبائي وزير اويس لغاري پيش ڪندو، جنهن ۾ ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں