57

پاڪستان جي وفاقي بجيٽ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا: آءِ ايم ايف

اسلام آباد (م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته ابتدائي جائزي موجب پاڪستان جي وفاقي بجيٽ کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ان کي آءِ ايم ايف پروگرام جي اهم مقصدن جي مطابق آڻڻ لاءِ اضافي قدمن جي ضرورت پوندي. پاڪستان ۾ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ترجمان ايستر پيريز ٻڌايو ته هوءَ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل وفاقي بجيٽ کي ڏسي رهي آهي ۽ اختيارين سان ڪجهه ٽيرف ۽ خرچن جي وضاحت لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي. آءِ ايم ايف جي ترجمان جو چوڻ هو ته ابتدائي جائزي ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته بجيٽ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا، آءِ ايم ايف پروگرام جي اهم مقصدن مطابق بجيٽ آڻڻ لاءِ اضافي قدم کڻڻا پوندا.آءِ ايم ايف جي ترجمان جو چوڻ هو ته فنڊ جو عملو ان حوالي سان اختيارين جي ڪوششن تي عملدرآمد ۾ مدد لاءِ تيار آهي ۽ پاليسيون عام طور تي اقتصادي استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضروري آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں