86

پاڪستان سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ اڄ به اسان جي ترجيح آهي: آمريڪي سفير

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته پاڪستان سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ اڄ به اسان جي ترجيح آهي. پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم هڪ وفد سان گڏ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو دورو ڪيو ۽ روايتي بيل وڄائي ڪاروبار جي شروعات ڪئي.ان موقعي تي آمريڪي سفير چيو ته کيس اسٽاڪ مارڪيٽ ڏسي خوشي ٿي، پهريون ڀيرو سٺو احساس ٿيو. هن چيو ته هي سال پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي پڄاڻي تي پهتل آهي. بلوم چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ آمريڪي سيڙپڪاري کي ساراهيون ٿا، آمريڪي ڪمپنيون بهترين پروڊڪٽس ٺاهي رهيون آهن ۽ اسان چاهيون ٿا ته وڌيڪ آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان اچن.آمريڪي سفير وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان سٺا واپاري لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں