82

ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان تي عمل مڪمل، پاڪستان جا گري لسٽ مان نڪرڻ جا چٽا امڪان

پيرس (م ڊ) پاڪستان ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان جي سمورن 34 نقطن تي عملدرآمد مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ هن سال پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍڻ جو چٽُا امڪان آهي. ايف اي ٽي ايف جو اجلاس اڄ 17 جون کان جرمني ۾ ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان کي ڏنل ٻن ايڪشن پلانن جي 34 نقطن تي عملدرآمد جي رپورٽ جو جائزو ورتو ويندو ۽ انهن نقطن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. رپورٽن مطابق ان کانپوءِ هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ فرانس جي راڄڌاني پيرس ۾ ٿيندڙ ايف اي ٽي ايف جي پلينري اجلاس ۾ پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. ايف اي ٽي ايف جوائنٽ اسيسمينٽ گروپ جولاءِ يا آگسٽ ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو، ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائزو وٺندو. ذريعن موجب پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي 34 نڪتن تي مڪمل طور تي عمل ڪيو آهي ۽ پاڪستان ان جي ڪاميابي لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں