69

ڪوئيٽا ڀرسان ڪوئلي کاڻ مان ٻن انجنيئرن سميت 4 مزدور اغوا

ڪوئيٽا (م ڊ)ڪوئيٽا جي علائقي اسپين ڪارز ۾ ڪوئلي جي کاڻ مان 4 ملازمن کي اغوا ڪيو ويو. تفصيل موجب اغوا ٿيل ملازمن ۾ ٻه انجنيئر به شامل آهن. پوليس موجب اغوا ٿيلن مان ٻن جو تعلق چکوال، هڪ جو صوابي ۽ هڪ جو مظفر آباد سان تعلق آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هونا اورڪ ٿاڻي ۾ ملازمن جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں