63

اجنبيءَ کي اسيمبليءَ ۾ نٿو ويهاري سگهجي: چوڌري پرويز الاهي

لاهور (رپورٽر) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته سمورا معاملا حل ٿي ويا ته بجيٽ جو عمل اڳتي وڌندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ پرويز الاهي چيو ته اجنبي کي اسيمبلي ۾ نٿو ويهاري سگهجي، آئين تحت ڪنهن کي به دعوت ڏيڻ جو حق آهي ، اهي نٿا سمجهن ته ايوان اهڙي نموني نه هلي سگهندو، اسان سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته کيس معافي وٺڻي پوندي، هي ايوان جو معاملو آهي، پنجاب جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي، سمورا معاملا حل ٿي ويا ته بجيٽ جو عمل جاري رهندو. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اسان جي ميمبرن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري کي اسيمبلي ۾ اچڻو پوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں