55

ملڪ هلائڻو آهي ته نيب کي ختم ڪرڻو پوندو: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ هلائڻو آهي ته نيب کي ختم ڪرڻو پوندو، احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ چيو ته عارف علوي ملڪ جو صدر آهي يا ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو؟ ان کي صدر هجڻ جو احساس ٿيڻ گهرجي، شاهد خاقان عباسي چيو ته هو ملڪ جي هر معاملي ۾ رڪاوٽ وجهي رهيو آهي، حيرانگي آهي ته نيب قانون بابت ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته هيءَ اها ئي پارٽي آهي جنهن نيب چيئرمين کي قابو ڪري 4 سال نام نهاد احتساب ڪيو، هاڻي ملڪ هلائڻو آهي ته نيب کي ختم ڪرڻو پوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں