85

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينهن جي دوري تي ايران پهچي ويو

اسلام آباد (رپورٽر) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينهن جي دوري تي ايران پهچي ويو، جتي بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايراني هم منصب سميت ٻين حڪومتي عهديدار سان ملاقاتون ڪندو، بلاول ڀٽو زرداري بحيثيت پرڏيهي وزير ايران جي پنهنجي پهرين دوري دوران ايراني صدر ابراهيم رئيسي سان به ملاقات ڪندو، بلاول ڀٽو پنهنجي دوري ۾ مشهد به ويندو جتي هو زيارتن جو شرف حاصل ڪندو، پرڏيهي وزير ٻن ڏينهن جي ايران جي دوري دوران ٻن طرفن لاڳاپن کي هٿي، معاشي رابطن ۽ بجلي جي فراهمي جي معاملي تي ڳالهيون ڪندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں