50

ايڪسپريس ٽرينن جو ڀاڙو 10، فريٽ جو  15 سيڪڙو وڌائڻ جو اعلان

لاهور (م ڊ) ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق ايڪسپريس ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته فريٽ جي ڀاڙن ۾ به 15 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي.ريلوي هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته هاڻ ريلوي رڳو ريلوي آفيسر ئي هلائيندا، ان ۾ ڪا مداخلت نه هوندي، ٽرينن اندر سي سي ٽي وي لڳائڻ تي ڊسڪشن ٿي رهي آهي پر اڃا تائين حتمي فيصلو ناهي ٿيو.ريل ۾ زيادتي ڪيس بابت هن چيو ته متاثر عورت کي نوڪري ڏني ويندي ۽ ان جي نالي تي هڪ اڪائونٽ ٺاهي ان ۾ ڪجهه پئسا جمع ڪرايا ويندا، ان ڪيس کي فالو ڪندي جوابدارن کي سزا ڏيارينداسين.سندس چوڻ هو ته فيول جو اگهه وڌڻ سان 8 اربن جو فسڪل نقصان ٿي رهيو آهي، هر مهيني 74 ڪروڙن جو نقصان ٿي رهيو آهي، مسافر ٽرينن جو ڀاڙو نه پيا وڌايون، ڇو ته ان ۾ غريب سفر ڪندو آهي پر ايڪسپريس جو 10 سيڪڙو ۽ فريٽ جو 15 سيڪڙو ڀاڙو وڌائي رهيا آهيون، ان سان تقريبن هڪ ارب رپين جي بچت جو موقعو ملندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں