59

بااختيار ماڻهن اي سي ايل رولز ۾ ترميم ڪري ان مان فائدو ورتو: چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ اي سي ايل ۾ شامل ماڻهن کي پرڏيهه وڃڻ لاءِ گهرو کاتي کان اجازت وٺڻ حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته بااختيار ماڻهن اي سي ايل جي رولز ۾ ترميم ڪري ان مان فائدو ورتو.چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهي ۾ جاچ ادارن ۾ مبينا حڪومتي مداخلت بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الحسن پڇاڻو ڪيو ته اي سي ايل قانون بابت رولز جي ڪابينا منظوري ڏني؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ڪابينا ڪميٽي قانون سازي ۾ معاملو غور هيٺ آهي.سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته جنهن کي سرڪاري ڪم سانگهي ٻاهر وڃڻو آهي، ان کي اجازت هئڻ گهرجي، جيڪو جوابدار پرڏيهه وڃڻ چاهي ته ان گهرو وزارت کان اجازت وٺڻي پوندي، سسٽم هلائڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.جسٽس عمر عطابنديال چيو ته پارليامنٽ مان هڪ طرفي قانون سازي به قانوني گهرجن موجب هئڻ گهرجي، هي ڪنهن لاءِ فائدو کڻڻ جو موقعو ناهي، نظر رکنداسين ته ڪو ادارو پنهنجي حد نه اورانگهي، اهڙو حڪم نٿو ڏيڻ چاهيان جنهن سان حڪومت کي ڏکيائيون ٿين.ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت ڪرڻ ڇا ٿي چاهي، لڳي ٿو ته حڪومت ڪمزور وڪيٽ تي بيٺي آهي، واضح ڳالهه بدران سدائين هيڏانهن هوڏانهن جي ٻڌائي ويندي.جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 27 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں