60

الڪيشن ڪميشن هڪ مخصوص پارٽي جي ونگ بڻجڻ کان پاسو ڪري: عمران خان

اسلام آباد (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عمران خان اليڪشن ڪميشن تي تنقيد ڪندي چيو ته الڪيشن ڪميشن هڪ مخصوص پارٽي جي ونگ بڻجڻ کان پاسو ڪري .ملاقات ۾ قانوني، آئيني ۽ سياسي معاملن تي صلاح مشورو ڪيو ويو، ان دوران عمران خان ڊاڪٽر بابر اعواڻ سان گفتگو ڪندي چيو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي جهموري پارٽي کي اليڪشن ڪميشن تي اعتماد ناهي.رپورٽن موجب عمران خان اليڪشن ڪميشن بابت قانوني معاملن جو ٽاسڪ بابر اعواڻ کي ڏئي ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں