48

پرويز مشرف تي نواز شريف پنهنجي سوچ مطابق ڳالهايو: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پرويز مشرف سان اهڙو سلوڪ نه ڪيو ويندو، جيڪو ڪجهه ماڻهن کي اميد آهي ته اسان کيس معاف نه ڪريون. هن چيو ته نواز شريف پنهنجي طبيعت ۽ سوچ موجب ڳالهايو ۽ اسان کي کانئس اها ئي اميد هئي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي بيماري جي حوالي سان ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پرويز مشرف سان منهنجي ڪا ذاتي دشمني يا ضد ناهي. ان کان اڳ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو هو ته پرويز مشرف جي صحت انتهائي خراب آهي، قيادت جو خيال آهي ته هو واپس اچي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں