50

آءِ ايم ايف جي خدشن سبب حڪومت جو فنانس بل 2022ع ۾ ترميمون ڪرڻ تي غور

اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف جي خدشن کانپوءِ حڪومت فنانس بل 2022ع ۾ ترميمن تي غور شروع ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاران پگهاردار طبقي کي 47 ارب رپين جي رليف تي تحفظات جو اظهار ڪيو ويو آهي، آءِ ايم ايف بجيٽ کي قرض پروگرام جي مقصدن موجب پيش ڪندي پرسنل انڪم ٽيڪس ۾ سڌارن تي زور ڏنو آهي.ايف بي آر جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي تحفظات کانپوءِ پگهاردار طبقي جي رليف ۾ 47 ارب رپين جي گهٽتائي جو امڪان آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني اختيارين وچ ۾ ٽيڪس روينيو وڌائڻ ۽ خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ وڌيڪ ڳالهين جو امڪان آهي، جڏهن ته فنانس بل 2022ع ۾ ترميمن کي جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں