56

پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر طلب ڪيل اجلاس کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي گورنر پنجاب جي سڏايل اجلاس کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته سندس صدارت هيٺ اجلاس جاري آهي. هن چيو ته اسيمبلي جي موجودگي ۾ ڪو به اجلاس نٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي ڊپٽي اسپيڪر اسپيڪر جي موجودگي ۾ اجلاس جي صدارت ڪري سگهي ٿو. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عطاتارڙ جو معاملو به اٿاريو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں