88

صنعتن کي سبسڊي نه ڏيڻ وارو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

ڪراچي (رپورٽر) صنعتن کي سبسڊي نه ڏيڻ وارو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، ان سلسلي ۾ صنعتن کي بجلي ۾سبسڊي  ڏيڻ وارو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو آھي، درخواستذار موجب عمران خان دور ۾ وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙ صنعتن کي پيڪيج ڏنو ويو هو، درخواستگذار موجب پيڪيج موجب وڌيڪ بجلي استمعال ڪندڙ صنعتن کي وفاق سبسڊي ڏيندو ھو، موجودا حڪومت بجلي تي سبسڊي ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، عدالت درخواست تي نيپرا کان جواب طلب ڪري ورتو، جڏھن تھ موجودا حڪومت جو چوڻ آھي تھ عوام يا صنعتن کي وڌيڪ سبسڊي نٿي ڏئي سگھجي، ڇو تھ سبسڊي ڏيڻ سان ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں