62

نواز شريف وٽ مشرف جي واپسي جي حمايت کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف وٽ مشرف جي واپسي جي حمايت کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته نواز شريف وٽ مشرف جي واپسي جي حمايت کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. فوج ۽ ان جي قيادت پرويز مشرف کي پاڪستان واپس آڻڻ جو درست ۽ جرئتمند فيصلو ڪيو.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته نواز شريف پاڪستان جي سمورن آرمي چيف سان وڙهيو، سياسي بحران پيدا ڪيو ۽ ضرورت پوڻ تي سندن اڳيان گوڏا کوڙيا. هاڻي نواز شريف کي پاڪستان اچڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟هن چيو ته امپورٽ حڪومت جي ايجنڊا پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ ۽ آءِ ايم ايف جي مهانگائي لاڳو ڪرڻ آهي. عالمي سازشي عدم اعتماد جي تحريڪ به لنڊن ۾ شروع ٿي. اڄ پنجاب ۾ ٻه غير آئيني اجلاس ٿي رهيا آهن جن جو پاڪستان توڙي دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں