49

بجلي جو شارٽ فال 6 هزار ميگاواٽ کان هيٺ نه اچي سگهيو

اسلام آباد (رپورٽر) ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 6 هزار ميگاواٽ کان هيٺ نه اچي سگهيو، پيداوار 22 هزار ۽ طلب 28 هزار ميگاواٽ رهي.ذريعن موجب پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ننڍن شهرن ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو 8 کان 12 ڪلاڪ آهي، جڏهن ته پاور پلانٽس تيل ۽ گئس جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته هائيڊل جي پيداوار به گهٽ سطح تي آهي، تربيلا ۽ منگلا ۾ پاڻي ڊيڊ ليول تي آهي.ذريعن موجب جولاءِ ۾ هائيڊل جي پيداوار ۾ واڌ جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں