63

اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل

لاهور (رپورٽر) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي لاهور مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. مونس الاهي خلاف داخل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته سندس خلاف مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت ڪارروائي 2 سال اڳ شروع ٿي هئي. ايف آءِ آر موجب شوگر ڪميشن مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ جو انڪشاف ڪيو هو، ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل جي رپورٽ تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. مونس الاهي کان علاوه نواز ڀٽي ۽ مظهر اقبال تي به مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي نواز ڀٽي ۽ مظهر اقبال کي گرفتار ڪيو آهي. ايف آءِ اي موجب گرفتار جوابدار نواز سيڪريٽري اسيمبلي محمد خان ڀٽي جو ڀائٽيو آهي ۽ جوابدار مظهر عباس ڇپراسي آهي.ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته محمد خان ڀٽي جي ڀائٽي واجد جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. مونس الاهي ۽ ٻين خلاف 720 ملين رپين جي مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں