58

پي ٽي آءِ سياسي انداز ۾ ضمني چونڊن ۾ مقابلو ڪندي: شاهه محمود قريشي

ملتان (م ڊ) پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سياسي انداز ۾ ضمني چونڊن ۾ مقابلو ڪندي، اڳوڻي پرڏيهي وزير ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان اڄ پنجاب جي بجيٽ تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته مان پنجاب جو ٻه ڀيرا ناڻي وارو وزير رهيو آهيان ۽ پنجاب جو ناڻي وارو وزير بجيٽ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته گورنر اجلاس ايوان اقبال ۾ طلب ڪيو، ايئن ماضيءَ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو، جڏهن اسپيڪر موجود هجي ته ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت هيٺ اجلاس ڇو ٿي رهيو آهي؟ قريشي وڌيڪ چيو ته گورنر غير آئيني قدم ڇو کڻي رهيو آهي؟ ان طريقيڪار سان بجيٽ پاس ڪرائي وئي ته اها غير آئيني هوندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں