55

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 55 رپيا في ليٽر اضافي جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافي جو امڪان آهي، اوگرا واڌ جي سمري حڪومت کي موڪلي ڇڏي آهي، آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 55 رپيا في ليٽر تائين اضافي جي سمري حڪومت کي موڪلي وئي آهي، اوگرا حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته پيٽرول 29 جڏهن ته ڊيزل 55 رپيا في ليٽر مهانگي ڪئي ويندي، پيٽروليم شين جي قيمتن تي حتمي فيصلو حڪومت اڄ ڪندي، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته وزيراعظم پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جي منظوري ڏيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں