54

پاڪ فوج جي ترجمان کي سياسي معاملن جي تشريح نه ڪرڻ گهرجي: اسد عمر

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر کي سياسي معاملن جي تشريح نه ڪرڻ گھرجي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پرڏيهي مداخلت جا لفظ خط ۾ استعمال ٿيا آهن، اهي سموريون حقيقتون خط اندر موجود هيون، چيو ويو هو ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي ته پاڪستان لاءِ ڏکيو ٿيندو.هن چيو ته خط ۾ سڌي ريت پاڪستان کي ڌمڪي ڏني وئي هئي، قومي سلامتي ڪميٽي جي پهرين ميٽنگ ۾ شيرين مزاري ۽ آئون موجود هئاسين.پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل چيو ته عمران خان تحريڪ انصاف جي چيئرمين طور سپريم ڪورٽ کي خط لکندو ته جاچ ڪئي وڃي، اسان چاهيون ٿا جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ۽ حقيقتون قوم اڳيان آنديون وڃن، قومي سلامتي جو بچاءَ ڪرڻ چونڊيل قيادت جي به ذميواري آهي.سندس موجب عمران خان اهو ناهي چئي رهيو ته هن جي تجربي کي مڃيو وڃي، هن جو مطالبو رڳو اهو آهي ته قوم جو حق بڻجي ٿو ته حقيقت تائين پهتو وڃي.اسد عمر چيو ته سياستدانن کي سياسي معاملا پاڻ ۾ ڊيل ڪرڻ گهرجن، گهڙي گهڙي سياسي معاملن جي تشريح ڊي جي آءِ ايس پي آر ڪرڻ ضروري نه سمجهي ته اهو فوج ۽ ملڪ لاءِ سٺو هوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں