64

اسد عمر جي تنقيد تي ڊي جي آءِ ايس پي آر جو موقف اچي ويو

 راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر طرفان تنقيد تي پاڪ فوج جي ترجمان جو وضاحتي بيان اچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪ فوج جي ترجمان چيو هو ته گذريل حڪومت خلاف ڪا سازش نه ٿي، جنهن تي اسد عمر جو چوڻ هو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر کي سياسي بيان بازي کان پاسو ڪرڻ گهرجي.خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته مان ڪنهن قسم جو سياسي بيان نه ڏنو، قومي سلامتي ڪميٽي جي ايجنڊا اڳ کان طئي هوندي آهي، مان ڪالهه به قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت تفصيلي گفگتو ڪئي هئي.سندس موجب اجلا س ۾ ڪنهن سروس چيف اهو نه چيو ته سازش ٿي آهي، اها راءِ نه انٽيليجنس بيس انفارميشن هئي، سازش جو لفظ پڌرائيءَ ۾ شامل نه هو.هن چيو ته جڊيشل ڪميشن يا ڪنهن ٻئي فورم جو حڪومت وٽ آپشن آهي، اهو ئي آپشن گذريل حڪومت وٽ به هو، جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ تي اعتراض ناهي، جڊيشل ڪميشن يا ڪو ٻيو فورم ٺاهڻ جو چئو ته ادارا سهڪار ڪندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں