62

وفاقي سرڪار عوام تي ٽيون ڀيرو پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي سرڪار عوام تي ٽيون ڀيرو پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽرول 24 رپيا 3 پيسا مهانگو ٿي ويو، في لٽر پيٽرول 233 رپيا 89 پيسن جو ٿي ويو، ڊيزل 59 رپيا 16 پيسا مهانگو، نئون اگهه 263 رپيا 31 پيسا مقرر، گاسليٽ 29 رپيا 49 پيسا مهانگو، في لٽر گاسليٽ 211 رپيا 43 پيسن جو ٿي ويو، لائيٽ ڊيزل 29 رپيا 16 پيسا مهانگو، نئون اگهه 207 رپيا 47 پيسا مقرر، پيٽروليم شين جا نوان اگهه لاڳو ٿي ويا، حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ملندڙ سبسڊي مڪمل طور ختم ڪري ڇڏي، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته اسان کي خبر آهي ته پيٽرليم اگهه وڌڻ سان مهانگائي ٿيندي، شهرين کي تڪليف به ٿيندي، مجبور هئاسين، ٻيو رستو تباهي جو هو، ڏکيائين کانپوءِ آساني هوندي آهي، اسان وٽ هڪ پلان آهي، جلد مهانگائي تي ضابطو آڻي وٺنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں